هڪ ماڻهو جي غلطي پوري کاتي جي غلطي قرار ڏيڻ زيادتي هوندي

هڪ ماڻهو جي غلطي پوري کاتي جي غلطي قرار ڏيڻ زيادتي هوندي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مير رضا ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جيڪا سفارش ڪندو، انهي تي عملدرآمد يقيني بنايو ويندو پر ڪنهن هڪ ماڻهو جي غلطي کي پوري کاتي جي غلطي قرار ڏيڻ زيادتي هوندي.نجي چينل سان ڳالهين جي دوران شجريل ميمڻ چيو ته مير رضا ڪيس ۾ جنهن جي ڪوتاهي هوندي انهي کي سزا ملندي، هي اها سنڌ پوليس آهي جنهن وڏن وڏن ڪيسن کي حل ڪري ڏيکاريو آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀته خوري جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن اهڙا واقعا صرف ڪراچي ئي نه پر سموري پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پيش ايندا آهن، پوليس جو فرض آهي ته شفاف جاچ ڪري ۽ ذميوارن کي سزا ڏياري، اهو ڪيس پوليس جي لاءِ به هڪ سبق آهي ته آئنده جي بجاءِ مڪمل جاچ ڪئي وڃي.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينه جي فيصلي تحت ئي جوڊيشل ڪميشن جوڙيو ويو هو، گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعليٰ ٽن سينئر وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ ضياءُالحسن لنجار، سعيد غني ۽ ناصر شاهه شامل آهن، ڪميٽي رپورٽ جو مطالعو ڪري ڪابينه کي آگاهه ڪندي.ڪراچي ۾ ٽريفڪ مسئلن جي حل بابت هن چيو ته اورنج لائن جو منصوبو تيار آهي، ريڊ لائن منصوبي ۾ يونيورسٽي روڊ تي ڪم هڪ وڏو چيلينج هو، هاڻ يونيورسٽي روڊ تي وڌيڪ پريشاني نه آهي، پر حددخلين جا مسئلا موجود آهن، ريڊ لائن جو مشڪل ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي هاڻ اسٽيشن ۽ ڊپو تعمير ڪرڻا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ييلو لائن تي ڪم شروع ٿيڻو آهي جڏهن ته ڄام صادق پل جو ٻيو حصو به جلد مڪمل ٿي ويندو. ييلو لائن تي ڪم جي دوران به ٽريفڪ جا ڪجهه مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا جنهن تي شهرين کي پيش ايندڙ پريشانين تي اڳواٽ معذرت خواهه آهيون. سينئر وزير چيو ته ڏيڍ سال جي زحمت کان پوءِ شهرين کي سڄي زندگي جي لاءِ سهولت ملي سگهندي، بي آر ٽي لائنز جي ذريعي سڄو ڪراچي گڏيل مربوط ٿي ويندو ۽ شهرين کي سهوليت ملي سگهندي.هن ٻڌايو ته گرين لائن وفاقي حڪومت جو منصوبو هو، جيڪو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، گرين لائن سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ انهي تي سفر ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو، اورنج لائن، ريڊ لائن ۽ ييلو لائن سنڌ حڪومت جا منصوبا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته مسلسل محنت کان پوءِ ڪراچي جو ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي، نومبر ۾ وڏي تعداد ۾ ڊبل ڊيڪر بسون پهچي رهيون آهن، عورتن جي لاءِ پنڪ بسون هلايون پيون وڃن ۽ مفت پنڪ اسڪوٽيز به فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته هڪ سال اڳ سموري سنڌ ۾ صرف 125 عورتن وٽ موٽر سائيڪل هلائڻ جا لائسنس هئا اڄ 50 هزار عورتن موٽر سائيڪل جي لائسنس لاءِ درخواست ڏنيون آهن هينئر تائين 25 هزار کان وڌيڪ عورتن کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي هر جڳهه ترقياتي منصوبا جاري آهن، شاهراهه ڀٽو هڪ جديد ترين ۽ معياري منصوبو آهي، ڪراچي پورٽ کان ڪورنگي تائين روڊ تعمير ڪيو پيو وڃي، ٽرانسپورٽ کاتي طرفان ناردرن باءِ پاس جي ڀرسان ٽرڪ اسٽينڊ تعمير ڪيو پيو وڃي.سينئر وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بنائڻ جو منصوبو شروع ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۾ صفائي جو مسئلو تقريبن 95 سيڪڙو حل ٿي چڪو آهي، البته ڪراچي هڪ وڏو شهر آهي انهي لاءِ حالتن کي بهتر ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو