لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزارتِ پيداوار پاران مهانگي قيمت تي ٻاهرئين ملڪ مان گھرايل کنڊ کي سستي ملھه تي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. وزارتِ پيداوار جي ذريعن موجب ان فيصلي سان قومي خزاني کي اربين رپين جو مالي نقصان رسڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڍائي لک ٽن مقامي سطح تي موجود سستي کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صرف هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.ذريعن موجب موجوده صورتحال سبب شوگر ملن لاءِ هارين کان ڪماد جي فصل خريد ڪرڻ ممڪن نه رهندو. شوگر ملز مالڪن وزارتِ پيداوار کي ان معاملي کان اڳواٽ آگاهه به ڪري ڇڏيو هو.










