لنڊن: صدر نقوي جي اهم ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

لنڊن: صدر نقوي جي اهم ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

لنڊن (رپورٽر): لنڊن ۾ صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ون آن ون تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ذريعن موجب، ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر زرداري تائين هڪ اهم پيغام پڻ پهچايو. نون صوبن جي قيام بابت هلي رهيل بحث ۽ سياسي معاملن تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري پنهنجي اڳوڻي موقف تي قائم رهڻ جو اعادو ڪيو ۽ زور ڏنو ته قومي مفادن جي پاسداري لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو