آءِ ايم ايف مشن پهچي ويو، اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهيون

آءِ ايم ايف مشن پهچي ويو، اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قرض پروگرام جي ايندڙ قسط بابت اقتصادي جائزي لاءِ ڳالهين جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو مشن پاڪستان پهچي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو مشن هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهي ۽ اڄ کان اسٽيٽ بئنڪ جي اختيارين سان ڳالهين جي شروعات ڪندو. ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان فني نوعيت جون ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جا اختيارين آءِ ايم ايف مشن کي ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندا. مشن کي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مالياتي پاليسي، درآمدن ۽ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا بابت بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب پاڪستان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 17 ارب ڊالر کان وڌيڪ رکڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فني ڳالهين دوران جاري کاتي جي خساري تي پڻ بحث ڪيو ويندو.
ذريعن مطابق آءِ ايم ايف جي وفد کي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ بابت پڻ بريفنگ ڏني ويندي. وفد کي يورو بانڊ جي ڪامياب اجرا بابت به آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻاهرين ذريعن کان حاصل ٿيندڙ رقم بابت پڻ تفصيل ڏنا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪزي بئنڪ سان ڳالهين کان پوءِ آءِ ايم ايف جو وفد 25 سيپٽمبر تي اسلام آباد روانو ٿيندو. وفد صوبائي حڪومتن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو.
ذريعن موجب عالمي مالياتي فنڊ جي ٽيم سان پاڪستاني اختيارين وچ ۾ باضابطه ڳالهيون 28 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون. 28 سيپٽمبر تي ناڻي واري وزير جي آمريڪا مان واپسي کان پوءِ باضابطه ڳالهين جي شروعات ٿيندي، جنهن دوران ناڻي واري وزارت، نجڪاري واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي اختيارين سان ڳالهين جا مختلف دور ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو