ايران جنگ سبب پاڪستان ۾ معاشي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، آءِ ايم ايف

ايران جنگ سبب پاڪستان ۾ معاشي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، آءِ ايم ايف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خميس ڏينهن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي اڳواڻيءَ ۾ جاري جنگ سبب هلندڙ سال پاڪستان، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي معاشي پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي ايندي، جڏهن ته 2027ع ۾ معاشي واڌ جي شرح ٻيهر وڌي 6.6 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. ان سان گڏ اداري خبردار ڪيو آهي ته توانائي جي پيداوار ۾ وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ سان معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
آءِ ايم ايف چيو ته جنگ سبب توانائي جي پيداوار، سامونڊي آمدرفت، سياحت، واپار ۽ معاشي اعتماد تي پوندڙ اثرن جي نتيجي ۾ خطي جي معاشي پيداوار ۾ 1.3 سيڪڙو گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي. 2027ع ۾ معاشي پيداوار ۾ نمايان واڌ ٿيندي، پر انهن ملڪن جي معيشتن جي مجموعي پيداوار عام طور تي جنگ کان اڳ ڪيل اڳڪٿين جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهندي.
آءِ ايم ايف خميس ڏينهن دبئي ۾ جاري ڪيل پنهنجي علائقائي معاشي جائزي ۾ چيو ته جنگ جا اثر وڏا رهيا آهن، پر مختلف ملڪن تي انهن جو اثر هڪجهڙو ناهي. توانائي جي پيداوار ۽ سامونڊي آمدرفت ۾ رڪاوٽن سبب تيل برآمد ڪندڙ ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته تيل درآمد ڪندڙ ملڪن جي معيشتن وڌيڪ مزاحمت ڏيکاري آهي.
آءِ ايم ايف چيو ته ان جي بنيادي اڳڪٿيءَ ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته 2027ع جي شروعات ۾ تڪرار جي شدت گهٽجي ويندي ۽ ان سال دوران واپار آهستي آهستي معمول تي اچي ويندو. تنهن هوندي به، اداري خبردار ڪيو ته مستقبل جي معاشي صورتحال بابت ”غيرمعمولي طور تي وڏي غيريقيني“ برقرار آهي.
آءِ ايم ايف پنهنجي اهم پيغامن بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ”مکيه خطرا توانائي جي پيداوار ۽ واپاري رستن ۾ وڌيڪ رڪاوٽن مان پيدا ٿين ٿا، جيڪي توانائيءَ جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.“ اداري اهو پڻ نشاندهي ڪئي ته عالمي مالياتي حالتون وڌيڪ سخت ٿي سگهن ٿيون.
آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سيڙپڪار مصنوعي ذهانت (AI) جي ڪري پيداوار ۾ واڌ بابت پنهنجن اندازن تي ٻيهر غور ڪن ۽ مهانگائي توڙي سرڪاري مالياتي صورتحال بابت وڌندڙ خدشن جي وچ ۾ وياج جون شرحون وڌيڪ وڌي وڃن، ته عالمي مالياتي حالتون وڌيڪ سخت ٿي سگهن ٿيون.
آءِ ايم ايف موجب، تيل درآمد ڪندڙ ملڪن جون معيشتون وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيون آهن. انهن ملڪن ۾ پرڏيهي موڪليل رقم (ترسيلاتِ زر) ۽ سياحت مان حاصل ٿيندڙ آمدني، سازگار مالياتي حالتن ۽ حڪومتن جي بروقت پاليسي قدمن سبب اندروني طلب کي سهارو مليو آهي. انهن قدمن جو مقصد صارفين کي شين جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان بچائڻ آهي.
آءِ ايم ايف چيو ته قفقاز ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ معاشي واڌ جي رفتار آهستي آهستي وڌيڪ پائيدار سطح ڏانهن وڌي رهي آهي. اداري اڳڪٿي ڪئي ته انهن علائقن جي معاشي پيداوار ۾ 2026ع دوران 5.2 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿيندي.
آءِ ايم ايف گذريل هفتي ٿيل سالياني اجلاسن دوران ڏنل پنهنجي پيغام کي ٻيهر ورجائيندي پاليسي سازن تي زور ڏنو ته اهي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ کي اوليت ڏين، سرڪاري مالياتي نظام جي پائيداري يقيني بڻائين، مرڪزي بئنڪن جي خودمختياري برقرار رکن ۽ پيداوار وڌائڻ توڙي روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي واريون سڌارا آڻين.

پهنجو تبصرو موڪليو