سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ غير قانوني ڪم برداشت نه ڪيو ويندو

سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ غير قانوني ڪم برداشت نه ڪيو ويندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ غير قانوني ڪم برداشت نه ڪيو ويندو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ مبينا جعلي ڊگرين جي معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت سنڌ حڪومت پاڻ ڏني هئي. محمد اسماعيل راهو چيو ته جعلي ڊگرين کي رد ڪرڻ جو فيصلو به سنڌ حڪومت ئي ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ يونيورسٽين وارو کاتو ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائي رهيا آهن. جعلي ڊگرين جي جاري ڪرڻ ۾ جيڪو به ملوث نڪتو ته ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي ۽ ملوث عنصرن جي سهولتڪارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري لاءِ ميرٽ تي ٻڌل سرچ ڪميٽي جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. وائيس چانسلرز جي مقررين کان وٺي يونيورسٽين جي ٻين اهم معاملن تائين قانوني طريقيڪار ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته سرڪاري يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي داخلائن ۽ استادن جي ڀرتين ۾ ميرٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي به سياسي بنيادن تي نوازڻ جي اجازت ناهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ قانون جي بالادستي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا آهن. محمد اسماعيل راهو ايم ڪيو ايم جي ماضي جي دور تي تنقيد ڪندي چيو ته ان وقت يونيورسٽين ۾ ميرٽ جي پامالي ۽ خوف ۽ هراس جو ماحول هو. ايم ڪيو ايم جي دور ۾ يونيورسٽين جا معاملا ڪيئن هلايا ويندا هئا، اهو ماضي جو حصو آهي، جڏهن ته اڄ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. صوبائي وزير ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي زور ڀريو ته اهي تعليمي ادارن تي بي بنياد الزام لڳائڻ کان پاسو ڪن ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن. هن واضح ڪيو ته جعلي ڊگرين جي معاملي ۾ ملوث ڪنهن به فرد کي قانون کان مٿانهون نه سمجھيو ويندو ۽ جاچ جي نتيجي ۾ ذميوار ثابت ٿيندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو