قتل ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ، آئي جي سنڌ طلب

قتل ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ، آئي جي سنڌ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيسن جي داخلي ۾ دير واري معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آئي جي سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊي آئي جي سکر کي به طلب ڪري ورتو. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ جزا ۽ سزا جو تصور ناهي ۽ پوليس پاڻ ماڻهن کي بري ڪرائي ٿي، جڏهن ته جسٽس صلاح الدين چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو