اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق ايمرجنسي يا گورنر راج لڳايو ته اسان هر آپشن استعمال ڪنداسين.صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اوهان هڪ مينڊيٽ کي ختم ڪري رهيا آهيون، اهڙا قدم نه کڻڻ گهرجن جيڪي عوام جي مرضي جي ابتڙ هجن. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته گورنر راج يا ايمرجنسي سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، اسان گورنر راج جي مذمت ڪنداسين.هن چيو ته اسان جو لانگ مارچ پرامن هوندو، خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي سان استعيفائن جو فيصلو ناهي ٿيو، مضبوط وفاق جي لاءِ خودمختار صوبو تمام گهڻو ضروري آهي.ٻئي طرف سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس چيو ته اوهان ڳالهيون ڪريو، بهانو بنايو پيو وڃي ته دهشتگردي آهي، ڇا بلوچستان ۾ دهشتگردي نه آهي؟ اتي ڇو گورنر راج نه پيو لڳايو وڃي.










