ايران جي ڌمڪي، فوجي تڪراءُ ٿيو ته جواب وڌيڪ سخت هوندو

ايران جي ڌمڪي، فوجي تڪراءُ ٿيو ته جواب وڌيڪ سخت هوندو

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن دشمن ٻيهر فوجي تصادم جو رستو اختيار ڪيو ته ايران اڳ کان وڌيڪ سخت جواب ڏيندو. هن چيو ته آمريڪا سان جنگ جو ڪو فوجي حل ممڪن ناهي، جڏهن ته مسئلو انصاف ۽ برابري جي بنياد تي ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو. ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي موجب آبنائي هرمز بابت ايران جي تجويز تي آمريڪي جواب جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته حتمي جواب مناسب سفارتي ذريعن وسيلي ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو