اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪيورٽي ذريعن موجب، اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا جي علائقي باڙا ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشن (IBO) دوران سيڪيورٽي فورسز پنج دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته بلوچستان جي چاغي ۾ هڪ آپريشن دوران وڌيڪ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، باڙا ۾ ڪيل آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. ذريعن موجب اهي دهشتگرد فتنة الخوارج سان تعلق رکندا هئا.
فتنة الخوارج اهو اصطلاح آهي جيڪو رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪري ٿي. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته ”سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ فتنة الخوارج جون لڪل پناهگاهون مڪمل طور تباهه ڪيون ويون.“
ذريعن وڌيڪ چيو ته ”سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي ۽ مستقل امن جي قيام لاءِ پرعزم آهن.“
هوڏانهن پاڪستان ٽي وي سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته بلوچستان جي چاغي ۾ ڪيل آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. ريڊيو پاڪستان موجب، وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشوراڻي صلاحيتن، همت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رهندا.
صدر آصف علي زرداري پڻ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.
سرڪاري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (APP) موجب، صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي بهادري تي فخر ڪري ٿي.“ هن زور ڏنو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف آپريشنز پوري طاقت سان جاري رهندا.
صدر چيو ته پاڪستاني قوم ۽ ان جون بهادر هٿياربند فوجون پاڪستان، خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي دشمنن جون سازشون ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت ۽ عزم رکن ٿيون.
هن ٻيهر چيو ته دوست ملڪن ۽ اتحادين جي سهڪار سان امن ۽ استحڪام جي دشمنن جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو.
هي ڪارروائي بلوچستان جي شابان ۽ ٻين علائقن ۾ 71 کان وڌيڪ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ ٿي آهي. فوج جي ميڊيا ونگ موجب انهن ڪاررواين دوران وڏي انگ ۾ دهشتگرد مارجي ويا هئا.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (PICSS) جي ماهوار انگن اکرن موجب، آگسٽ ۾ دهشتگرد حملن جي انگ ۾ واڌ ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 378 ماڻهو مارجي ويا.
انگن اکرن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 203 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 54 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا. رپورٽ موجب جولاءِ جي ڀيٽ ۾ انهن انگن ۾ گهٽتائي ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل صوبو رهيو، جنهن کان پوءِ خيبر پختونخوا جو نمبر آيو.










