پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو ڇهون ڏينهن، مارچ جا شرڪت ڪندڙ پشاور کان چارسده پهچي ويا.رستي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته صوابي پهچي لانگ مارچ جي حتمي حڪمت عمليءَ جو اعلان ڪيو ويندو، جيڪو مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن پشاور ۾ پڙاءُ ڪيو هو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئيءَ جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ جي شيڊيول ۾ تبديلي مولانا فضل الرحمان جي مشاورت سان ڪئي وئي آهي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته مولانا فضل الرحمان سعودي عرب مان اسد قيصر سان رابطو ڪري کيس چيو هو ته لانگ مارچ جي رفتار ڪجهه سست ڪئي وڃي.










