مون کي ايران خلاف جنگ بابت افسوس ناهي: ٽرمپ

مون کي ايران خلاف جنگ بابت افسوس ناهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس ايران سان ڇڪتاڻ شروع ڪرڻ تي ڪو به پشيماني يا افسوس ناهي، جيتوڻيڪ هن تڪرار جا نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي مڊٽرم چونڊن تي اثر پئجي سگهن ٿا.آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو، ”مان ’افسوس‘ (regret) واري لفظ تي يقين نه ٿو رکان؛ ڪنهن به فيصلي کان پوءِ ان تي سوال اٿاري سگهجن ٿا. هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن کيس اهو ئي فيصلو ٻيهر ڪرڻو پوي ها، ته هو بلڪل اهو ئي ڪري ها جيڪو هن ڪيو هو.ٽرمپ انهن قياس آرائين کي به رد ڪري ڇڏيو ته سندس ڪجهه حمايتي ان ڇڪتاڻ سبب پريشان يا مايوس آهن.هن چيو، ”منهنجي خيال ۾ اهي مايوس نه آهن. منهنجو مڃڻ آهي ته کين ان ڳالهه تي فخر آهي ته مان ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏئي رهيو آهيان. ٽرمپ پنهنجي ان موقف کي ورجايو ته مڊٽرم چونڊن کان فوري پوءِ هي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي.هن انٽرويو ۾ چيو ته اهو تڪرار چونڊن کان فوري پوءِ ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو