پشاور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته مٿس شڪ ڪيو پيو وڃي ته هو وڪامي ويو آهي، جڏهن ته هن پارٽي ڇڏڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پارٽي ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.شوڪت يوسفزئي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو ۽ پاڻ تي لڳندڙ الزامن بابت ڳالهائيندي روئي ڏنو.هن چيو ته هو پارٽي جو سينيئر ميمبر هجڻ جي حيثيت سان پنهنجا خدشا ظاهر ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو اصول جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ کيس ڪنهن به قسم جو ڊپ يا خوف ناهي.شوڪت يوسفزئي چيو ته 26 نومبر واري احتجاج دوران به هن اهڙن خدشن جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته وڏي وزير پاران سندس خط بابت ڏنل بيان تي کيس ڏک پهتو آهي.هن چيو ته کيس سهيل آفريدي کان اهڙي ڳالهه جي اميد نه هئي. سندس چوڻ هو ته هن سهيل آفريدي جو دفاع ڪيو ۽ واضح ڪيو ته هو دهشتگردن جو سهولتڪار ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ موجب، جڏهن سهيل آفريدي 4 آڪٽوبر تي مارچ جو اعلان ڪيو هو ته هن چيو هو ته هو ان مارچ ۾ سڀ کان اڳيان هوندو.شوڪت يوسفزئي چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس خلاف استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي کيس افسوس آهي. هن چيو ته ڪجهه سوشل ميڊيا ڪارڪنن جي طرزِ عمل سبب پارٽي کي نقصان پهچي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي کانپوءِ جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل رهيا آهن، انهن سخت وقت ڏٺو آهي.شوڪت يوسفزئي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته هو پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارو ناهي ۽ پارٽي ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.










