خان ڪيس، ٻن ادارن جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون، آئيني عدالت کي رڳو تشريح جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ

خان ڪيس، ٻن ادارن جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون، آئيني عدالت کي رڳو تشريح جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي عدالتي حڪم باوجود علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل نه ڪرڻ واري حڪومتي قدم خلاف توهينِ عدالت ۽ حڪومت طرفان نظرثاني جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وفاقي آئيني عدالت وٽ رڳو آئين جي تشريح جو اختيار آهي، جڏهن ته باقي سمورا معاملا سپريم ڪورٽ ڏسندي.
بي بي سي جي رپورٽ موجب جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بينچ اربع جي صبح انهن درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي پڇاڻو ڪيو ته سمورن فوجداري ڪيسن ۾ بنيادي انساني حقن جا معاملا سامهون اچن ٿا، ته ڇا ان جو مطلب اهو ٿيندو ته سمورا ڪيس ڪنهن ٻي عدالت، يعني آئيني عدالت، ڏانهن موڪليا وڃن؟
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ قائم3 رڪني بينچ ۾ جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس نعيم اختر افغان پڻ شامل آهن.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ تي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ اهڙو ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن ۾ عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان پڻ شامل هجن.
بهرحال، ان حڪم تي عمل نه ٿيو ۽ عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ بدران طبي معائني لاءِ پمز اسپتال نيو ويو. ان تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سپريم ڪورٽ ۾ توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پڻ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ انهن درخواستن تي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر، اربع، لاءِ مقرر هئي، پر گذريل ڏينهن، 18 سيپٽمبر تي، وفاقي آئيني عدالت ڪيس سان لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪندي انهن درخواستن جي ٻڌڻي غيرمعيّنه مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.
گذريل ڏينهن 15 سيپٽمبر تي وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ راولپنڊي جي اڊيالا جيل جي ٽن قيدين طرفان داخل ڪيل درخواستن تي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. انهن درخواستن ۾ قيدين خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت گهري هئي.
اربع جي صبح 16 سيپٽمبر تي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ توهينِ عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڪو به نمائندو عدالت ۾ موجود نه هو. ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اٽارني جنرل کي فوري طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي ۾ مختصر وقفو ڪيو.
بهرحال، جڏهن ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته اٽارني جنرل بدران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ موجود هو. ان تي عدالت ٻيهر وقفو ڪندي اٽارني جنرل کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
ٻڌڻي باقاعده شروع ٿيڻ کان پوءِ 3 رڪني بينچ جي سربراهه جسٽس شاهد وحيد اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته بظاهر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ناهي ٿيو.
بينچ جي سربراهه اٽارني جنرل کي چيو ته ”ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ قرآن پاڪ کان مٿانهين ڪا به شيءِ ناهي.“
جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته ڇا قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل فيصلي جي آئيني عدالت پابند نه هوندي؟ هن اهو به چيو ته آئيني عدالت قرآن ۽ سنت جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.
بينچ جي سربراهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ واري حڪم ۾ سرڪاري آفيسرن کي طلب ڪيو هو، ته ڇا انهن آفيسرن جو اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ناهي؟
هن چيو ته ”ڪٿي نه ڪٿي ڪا غلط فهمي ضرور آهي.“
ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هو اڊيالا جيل جي اختيارين جي چوڻ تي ڪو بيان نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته ممڪن آهي ته گذريل ڏينهن آئيني عدالت جي حڪم سبب جيل اختيارين ۾ ڪو مونجهارو پيدا ٿيو هجي.
ان تي جسٽس شاهد وحيد ريمارڪس ڏنا ته ”هاڻي اهو رابطي جو مسئلو آهي يا بي اعتمادي جو، پر ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي رهيو آهي.“
جسٽس شاهد وحيد وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ ٿيندو يا خانگي اسپتال ۾، اهو معاملو في الحال هڪ طرف رکي ڇڏيون، ته ڇا سپريم ڪورٽ جي باقي حڪمن تي عمل ٿي رهيو آهي؟
هن پڇيو ته ڇا عمران خان جون سندس ڀينرن سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪرايون ويون آهن ۽ ڇا اڳوڻي وزيراعظم جي سندس ٻارن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي آهي؟
اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم لاڳو آهي ۽ جيڪڏهن ان تي عملدرآمد ۾ ڪا کوٽ رهجي وئي آهي ته هو ان جي جانچ ڪرائيندو.
بينچ ۾ شامل جسٽس نعيم اختر افغان آئيني عدالت طرفان ٽن قيدين جي درخواستن تي جاري ڪيل تازي حڪم نامي جي ڇهين پيراگراف جو حوالو ڏيندي چيو ته ان پيراگراف ۾ سپريم ڪورٽ کان عمران خان جي درخواست سان لاڳاپيل عدالتي رڪارڊ گهرائي، ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
بينچ جي سربراهه چيو ته ”ڪيس مقرر ڪرڻ“ وارو لفظ اسان لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ عدالت آئين جي منشا سمجهڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته آئيني عدالت پنهنجي حڪم ۾ لکيو آهي ته اها طئي ڪندي ته بنيادي انساني حقن جا ڪيس ڪهڙي عدالت ٻڌي سگهي ٿي، پر بنيادي حقن جو معاملو ته هر ڪيس ۾ سامهون اچي ٿو. هن چيو ته شفاف ٽرائل جو حق هر فوجداري ڪيس ۾ موجود هوندو آهي.
اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هو عدالتي اختيار جي دائري واري نقطي تي عدالت جي مدد ڪندو.
جسٽس شاهد وحيد ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آئيني عدالت جي حڪم ۾ ڳالهه رڳو رڪارڊ گهرائڻ تائين محدود هجي ها ته معاملو مختلف هجي ها. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 175-اي ۾ لاڳاپيل عدالتن کان رڪارڊ گهرائڻ جي حد تائين ئي ذڪر موجود آهي.
هن چيو ته ”اسان ٻنهي ادارن جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون ۽ چاهيون ٿا ته ٻئي ادارا پنهنجي پنهنجي اختيار جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن.“
ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي فوجداري اپيل ۾ آئين جي ڪنهن به تشريح جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته توهينِ عدالت واري درخواست ۾ پڻ آئين جي ڪنهن تشريح جي ضرورت نه هئي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو.
اربع تي انهن درخواستن جي ٻڌڻي جو حڪم نامو لکائيندي بينچ جي سربراهه چيو ته گذريل حڪم نامي ۾ هن ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 16 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ان حڪم کان پوءِ ڪجهه درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيون، جن ۾ عمران خان طرفان علاج لاءِ رليف گهريو ويو، جنهن کان پوءِ اهو معاملو آئيني عدالت ۾ هليو ويو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ اهو به ذڪر ڪيو ته آئيني عدالت انهن درخواستن تي اڳتي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ کان زيرِ التوا ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري انهن کي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو چيو هو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اٽارني جنرل عدالت جي مدد ڪري ته ساڳئي نوعيت جي زيرِ التوا ڪيسن کي اڳتي ڪيئن وڌايو وڃي.
جسٽس شاهد وحيد حڪم نامي ۾ اهو پڻ چيو ته سپريم ڪورٽ نٿي چاهي ته اعليٰ ترين عدالتن ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد سامهون اچي.
عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ اهو به درج ڪيو ته ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته هن معاملي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي.
بعد ۾ اٽارني جنرل جي درخواست تي سپريم ڪورٽ انهن درخواستن جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
ڇا عمران خان جو ڪيس هاڻي وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿي ويندو؟
ڪجهه قانوني ماهرن جو خيال آهي ته آئيني عدالت طرفان عمران خان جو طبي رڪارڊ طلب ڪرڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت ڪيس وڌيڪ نه ٻڌي سگهندي.
قانوني ماهر معيز جعفري بي بي سي کي ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم تحت هاڻي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ نه، پر وفاقي آئيني عدالت آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ڪنهن ماتحت عدالت کان رڪارڊ طلب ڪري وٺي ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان معاملي جي ايندڙ ٻڌڻي ماتحت عدالت ۾ نٿي ٿي سگهي.
هن چيو ته انهن ٽن قيدين جي درخواستن ۾ معاملو جيل مينوئل سان لاڳاپيل آهي ته ڇا انهن کي علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو يا نه.
هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جا اهي جج، جن عمران خان کي علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪڏهن چاهين ته عمران خان جي ڀيڻ طرفان داخل ڪيل توهينِ عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو