رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين چيو آهي ته يمن جي حوثي مليشيا جي حملن جي نتيجي ۾ سعودي عرب ۾ 13 شهري زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اڱاري جي صبح ڪيترن ئي شهرن لاءِ اڳواٽ خبرداري جا الرٽ جاري ڪيا ويا.
ايران جي حمايت يافته گروهه سومر ڏينهن خميس، مشيط، اڀا ۽ طائف ۾ شهري علائقن کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو.
يمن ۾ قانوني حڪومت جي بحالي لاءِ قائم اتحاد جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي اڱاري جي صبح سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حملن جي نتيجي ۾ ”13 شهرين کي معمولي کان وچولي نوعيت جا زخم رسيا، جڏهن ته 7 گهرن ۽ ٻن گاڏين کي نقصان پهتو.“
سعودي سول ڊفينس ملڪ جي اولهه ۽ ڏکڻ وارن ڪيترن ئي شهرن لاءِ هڪ کانپوءِ ٻيا خبرداري جا الرٽ جاري ڪيا، جن ۾ اڀا، جدي، جازان، طائف، ينبع ۽ العلا شامل آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته، ”دهشتگرد حوثي مليشيا بادشاهت ۾ شهري تنصيبات ۽ شهرين خلاف پنهنجا سنگين ۽ ڄاڻي واڻي حملا جاري رکيو پئي اچي.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، ”انهن ڄاڻي واڻي ۽ بار بار ٿيندڙ حملن جو جاري رهڻ دهشتگرد حوثي مليشيا جي طريقيڪار ۽ شهري تنصيبات ۽ شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ وڌائڻ واري انتهاپسند نظريي جو ثبوت آهي.“
15 سيپٽمبر 2026ع تي جاري ڪيل پريس رليز ۾ ميجر جنرل ترڪي المالڪي حوثي مليشيا طرفان بادشاهت ۾ شهرين ۽ شهري تنصيبات خلاف دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي. پريس رليز ۾ خميس مشيط، اڀا ۽ طائف ۾ ٿيل حملن کانپوءِ ملڪ جي خودمختياري ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ اتحاد جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
اتحاد چيو ته سندس گڏيل فوجون حملن کي ”بادشاهت جي خودمختياري، شهري تنصيبات ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ذميواري ۽ مضبوطي سان منهن ڏينديون.“
گذريل هفتي مليشيا جي هڪ حملي جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.
سعودي عرب جمعي ڏينهن ايسٽ-ويسٽ پائپ لائن کي عارضي طور بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي رياض ۽ مديني وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو هو.
خليجي ۽ مسلم تنظيمن پائپ لائن تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.










