حوثين جو مديني ۾ بجلي گهر تي حملو

حوثين جو مديني ۾ بجلي گهر تي حملو

رياض(ويب ڊيسڪ) يمن ۾ قانوني حڪومت جي بحالي لاءِ قائم اتحاد جي سرڪاري ترجمان چيو آهي ته حوثين اڱاري جي صبح مديني منوره جي طيبه بجلي ورڇ واري اسٽيشن کي نشانو بڻايو.
عرب نيوز موجب ميجر جنرل ترڪي المالڪي چيو ته واقعي بابت جاچ ۽ اختيارين جي حاصل ڪيل نتيجن مان ثابت ٿيو آهي ته حوثي مليشيا هن ”بزدل دهشتگرد ڪارروائي“ جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد ۾ ملوث هئي. هن چيو ته اها ڳالهه آپريشنل جائزي ۽ حملي ۾ استعمال ٿيل ڊرون جي ملبي جي جاچ ذريعي به تصديق ٿي آهي.
المالڪي ٻڌايو ته حملي سبب هڪ ٽرانسفارمر بند ٿي ويو، پر مجموعي بجلي جي نظام تي ڪو اثر نه پيو.
هن وڌيڪ چيو ته: ”مديني منوره ۾ نبوي مسجد کي بجلي جون سهولتون فراهم ڪندڙ شهري تنصيب کي نشانو بڻائڻ واري هي بزدل دهشتگرد ڪارروائي، ٻنهي مقدس مسجدن کي نشانو بڻائڻ جي مليشيا جي ڪوششن جي تسلسل جو حصو آهي.“
هن چيو ته اها دنيا جي لکين مسلمانن جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي مسلسل ۽ ڄاڻي واڻي ڪوشش پڻ آهي.
حوثين اڳ به مڪي مڪرمہ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گذريل مهيني هنن مقدس شهر ڏانهن هڪ ڊرون موڪليو هو، جنهن کي رستي ۾ روڪيو ويو هو.
المالڪي چيو ته اتحاد حوثي مليشيا خلاف روڪٿام وارا قدم جاري رکندو ۽ ٻنهي مقدس مسجدن جي تحفظ ۽ انهن جي زيارت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو