لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽنهي ڀينرن عليمه خان، عظميٰ خان ۽ نورين نيازي جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پنجاب جي هوم سيڪريٽري ۽ ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس ابهَر گل خان درخواستگذار شاهه ريز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ رانا مدثر عمر پيش ٿيا. عدالت هوم سيڪريٽري پنجاب ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ ڪوٽ لکپت کي جواب سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل رانا مدثر عمر موقف اختيار ڪيو ته ٽنهي ڀينرن جي نظر بنديءَ جا حڪم 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي ختم ٿي چڪا آهن، پر ان باوجود کين آزاد نه ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي جسٽس ابهَر گل خان درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي درخواست ۾ ڌر ڇو نه بڻايو آهي؟وڪيل جواب ڏنو ته ڊپٽي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نظر بنديءَ جو نوٽيفڪيشن ختم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري کيس درخواست ۾ ڌر نه بڻايو ويو آهي. ان دوران عظميٰ خانم جو وڪيل احد خان به روسٽرم تي آيو ۽ عدالت کي درخواست ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي طلب ڪيو وڃي. جسٽس ابهَر گل خان جواب ڏيندي چيو ته اوهان ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست ۾ ڌر ئي نه بڻايو آهي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل رانا مدثر عمر کي هدايت ڪئي ته هو احد خان کي مطمئن ڪري. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور عليمه خان، عظميٰ خان ۽ نورين نيازي کي 30 ڏينهن لاءِ نظر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا. درخواستگذار موجب، ٽنهي ڀينرن جي نظر بنديءَ جو مدو مڪمل ٿي چڪو آهي، پر ان باوجود کين آزاد نه ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته عليمه خان، عظميٰ خان ۽ نورين نيازي جي بازيابيءَ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.










