اسلام آباد )بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، جڙيل شهرن ۾ ڪل 160 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو.برسات سبب راولپنڊي جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، ڪٽاريان وٽ نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح 25 فوٽ کان وڌي وئي آهي.گوالمنڊي ۾ به پاڻي جي سطح 18 فوٽ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته نالا لئي جي آس پاس جي آبادي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف راولپنڊي ۾ تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا اڄ بند رهندا.










