قرضن ۾ 10 سالن دوران 340 سيڪڙو تاريخي واڌ جو انڪشاف

قرضن ۾ 10 سالن دوران 340 سيڪڙو تاريخي واڌ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي سرڪاري قرضن ۾ گذريل 10 سالن دوران 340 سيڪڙو جي تاريخي واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سرڪاري قرضن جو مجموعي حجم 86 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.وفاقي ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب گذريل 10 سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 67 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو. جون 2016ع تائين سرڪاري قرضن جو حجم 19 هزار 700 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2026ع تائين وڌي 86 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو. رپورٽ موجب جون 2026ع تائين سرڪاري قرضن ۾ 59 هزار 400 ارب رپيا ملڪي قرض ۽ 27 هزار 300 ارب رپيا پرڏيهي سرڪاري قرض شامل هو. وفاقي ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب جون 2016ع تائين مجموعي سرڪاري قرض 19 هزار 700 ارب رپيا هو، جنهن ۾ 13 هزار 600 ارب رپيا ملڪي ۽ 6 هزار 100 ارب رپيا پرڏيهي قرض شامل هو. رپورٽ موجب جون 2017ع تائين مجموعي سرڪاري قرض وڌي 21 هزار 400 ارب رپين تائين پهتو، جڏهن ته جون 2018ع تائين اهو وڌي 24 هزار 900 ارب رپيا ٿي ويو. ساڳئي ريت جون 2019ع تائين سرڪاري قرضن جو حجم 32 هزار 700 ارب رپيا ۽ جون 2020ع تائين 36 هزار 400 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت موجب جون 2021ع تائين سرڪاري قرضن جو مجموعي حجم وڌيڪ وڌي 39 هزار 900 ارب رپين تائين پهچي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو