لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي سانگهڙ سان تعلق رکندڙ 21 ورهين جي هڪ هندو عورت، جنهن کي مبينا طور پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا سان تعلق رکندڙ هڪ شخص محبت جي رشتي ۾ ڦاسائي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو، سومر ڏينهن عدالتي مئجسٽريٽ طرفان پوليس جي کيس دارالامان منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ کان پوءِ سندس خاندان جي حوالي ڪيو ويو.عورت پنهنجي اباڻي شهر مان گم ٿي وئي هئي. سندس ڀاءُ جي فرياد تي سانگهڙ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. فريادي الزام لڳايو ته سندن گهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرا جي فوٽيج ۾ نظر اچي ٿو ته 23 ۽ 24 آگسٽ جي وچ واري رات ڪجهه اڻڄاتل ماڻهو سندس ڀيڻ کي زبردستي گهر مان کڻي ويا ۽ ساڻس گڏ قيمتي سامان ۽ موبائل فون به کڻي ويا.سندس خاندان جو الزام هو ته عورت کي محبت جي رشتي ۾ ڦاسائي گوجرانوالا وٺي وڃڻ کان پوءِ مٿس اسلام قبول ڪرڻ ۽ هڪ مقامي شخص سان شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. خاندان موجب اهو شخص اڳ ئي شادي شده هو. سنڌ جي گهرو کاتي جي عملدارن پنجاب ۾ پنهنجي هم منصبن کي ايف آءِ آر بابت آگاهه ڪيو ۽ عورت کي بازياب ڪرائڻ لاءِ مدد طلب ڪئي. ان معلومات جي بنياد تي گوجرانوالا جي ايمن آباد پوليس عورت کي بازياب ڪرايو ۽ سومر ڏينهن کيس عدالتي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو. عدالتي ڪارروائي دوران جاچ آفيسر هڪ درخواست پڻ داخل ڪئي، جنهن ۾ مئجسٽريٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته عورت کي ”محفوظ تحويل“ لاءِ دارالامان موڪليو وڃي. پوليس جو موقف هو ته عورت پنهنجي والدين سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ناهي. بهرحال، عورت جي وڪيلن اسد جمال ۽ کيٽا رام پوليس جي درخواست جي مخالفت ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته عورت حقيقت ۾ پنهنجي والدين جي گهر واپس وڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ هوءَ پنهنجي سڳي ڀاءُ سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي، جيڪو عدالت ۾ موجود هو. وڪيلن عدالت کي اهو به ٻڌايو ته عورت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي. مئجسٽريٽ حڪم ڏنو ته عورت جو بيان سڌو سنئون عدالت آڏو رڪارڊ ڪيو وڃي. عورت پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو ته هوءَ پنهنجي مرضي ۽ رضامندي سان پنهنجي ڀاءُ سان گڏ والدين جي گهر وڃڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته کيس پنهنجي جان کي ڪو به خطرو ناهي ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت هوءَ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ هيٺ نه هئي. مئجسٽريٽ پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته عورت جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ پوليس جي کيس دارالامان موڪلڻ واري درخواست ”رد ڪئي وڃي ٿي.“ مئجسٽريٽ عورت کي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ سندس محفوظ تحويل ۽ سانگهڙ ۾ والدين جي گهر تائين پهچائڻ جي ذميواري ڀاءُ حوالي ڪئي.سنڌ جي سانگهڙ ٿاڻي جا پوليس اهلڪار پڻ عدالت ۾ موجود هئا.










