اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، رين ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، رين ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد/راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات کانپوءِ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واسا جي عملي ۽ ڳري مشينري کي هيٺاهين وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.واسا جي ايم ڊي موجب راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورن فيلڊ آفيسرن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته واسا جو عملو ۽ ڳري مشينري هيٺاهين وارن علائقن ۾ مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن برساتي پاڻيءَ جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. واسا جي ايم ڊي موجب نالي لئي ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو هن وقت معمول موجب آهي. ڪٽارڙيان وٽ پاڻيءَ جي سطح 5 فوٽ، جڏهن ته گوالمنڊي پل وٽ 2 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو