اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي عدالت جي اڄ واري ڪاز لسٽ عدم دستيابي سبب رد ڪئي وئي، جنهن ڪري عدالت ۾ مقرر ڪيترن ئي اهم ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي عدالت ۾ اڄ پمز اسپتال واقعي بابت عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل ٻن درخواستن، موٽر وي تي ٽول ٽيڪس ۽ چالان کي چئلينج ڪرڻ واري ڪيس ۽ چيئرمين اوگرا جي مقرري بابت ڪيس سميت ڪيترائي اهم معاملا ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر هئا. ڪاز لسٽ منسوخ ٿيڻ کانپوءِ سمورا ڪيس رجسٽرار آفيس طرفان نئين تاريخن تي ٻيهر ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويندا.










