اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي في يونٽ 2 رپيا 56 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب، سي پي پي اي جي سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ بابت درخواست تي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تي ٿيندي. سي پي پي اي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي في يونٽ سراسري ٻارڻ لاڳت جو ڪاٿو 7 رپيا 46 پئسا لڳايو ويو هو، پر اها لاڳت وڌي 10 رپيا 2 پئسا في يونٽ ٿي وئي. درخواست موجب، سيپٽمبر دوران مقامي ڪوئلي مان 7 ارب 95 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته درآمدي ڪوئلي مان 37 ارب 14 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ٿي. بجلي جي پيداوار لاءِ ڊيزل تي 13 ارب 26 ڪروڙ رپيا ۽ فرنس آئل تي 11 ارب 81 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. اهڙيءَ طرح مقامي گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ تي 13 ارب 89 ڪروڙ رپيا، جڏهن ته ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار تي 31 ارب 93 ڪروڙ رپيا خرچ آيا. سي پي پي اي موجب، سيپٽمبر ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ مجموعي ٻارڻ جي لاڳت 127 ارب 87 ڪروڙ رپيا رهي، جڏهن ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) 12 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي. نيپرا جي منظوري کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ صارفين جي بلن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.










