پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ هريپور ضمني چونڊ دوران سرڪاري آفيسرن خلاف بيان ڏيڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف سهيل آفريدي جي درخواست تي ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس محمد فهيم ولي تي ٻڌل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار ۽ اليڪشن ڪميشن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.سهيل آفريدي جي وڪيل اڄ جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته هن اڄ ئي وڪالت نامو جمع ڪرايو آهي. ان تي جسٽس ارشد علي چيو ته ائين نٿو هلي، عدالت سهيل آفريدي جي وڪيلن کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل لا خرم ذيشان عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار جي استدعا تي هن ڪيس جي ٻڌڻي هيل تائين 6 ڀيرا ملتوي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ميرٽ تي به ٻڌڻي ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته سهيل آفريدي طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ ميرٽ تي ٻڌڻي دوران ڪو اعتراض نه ڪيو ويو، جڏهن ته هن ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڏنو. عدالت سهيل آفريدي جي وڪيلن کي آخري وارننگ ڏيندي چيو ته هاڻي ڪنهن به صورت ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست قبول نه ڪئي ويندي. جسٽس ارشد علي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي ڪو به پيش نه ٿيو ته عدالت قانون موجب فيصلو ڪندي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










