جتوئي سميت ٻين اڳواڻن جي 8 ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

جتوئي سميت ٻين اڳواڻن جي 8 ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

نوشهروفيروز(ن س ) اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي سميت ٻين خلاف داخل 8 ڪيسن جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي طبيعت خراب هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ مسرور احمد جتوئي سيشن ڪورٽ پهچي ويو. عدالت ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ۾ مقرر ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته نوشهروفيروز ۾ گذريل 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان اي ٽي سي جو جج مقرر نه ٿي سگهيو آهي ۽ عدالت جي چارج سيشن جج حوالي ٿيل آهي. اي ٽي سي ۾ مورو ٿاڻي تي داخل بلاول زرداري قتل ڪيس، دادو جي اميناڻي ٿاڻي جو ڪيس، گهرو وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ واري ڪيس سميت مجموعي طور 8 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر هئا. عدالت سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو