هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا، ڊي پي او موجب، هي واقعو هنگو جي ٽل علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ سبب 3 قيمتي جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو ۽ کيس فوري طور تي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊي پي او چيو ته چپري وزير ۾ بي ايڇ يو اسپتال منصوبي جي جڳهه تي ٻنهي گروپن جي وچ ۾ تڪرار هو.ڊي پي او موجب، ٻئي گروپ پنهنجي علائقي ۾ بنيادي صحت مرڪز جي تعمير چاهين ٿا.










