ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جماعت اسلاميءَ جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمٰن سياسي پريشانيءَ جو شڪار آهن. سعديه جاويد پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ منافقت ۽ ڪوڙ جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪالهه تائين سنڌ حڪومت تي ٽائونز کي فنڊ نه ڏيڻ جا الزام لڳائيندي هئي، پر اڄ سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل وسيلن سان مڪمل ٿيل منصوبن جو افتتاح ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ ڪڏهن به سياسي وابستگيءَ جي بنياد تي ڪنهن به ٽائون سان امتيازي سلوڪ ناهي ڪيو. هن چيو ته شهر جي هڪجهڙي ترقيءَ لاءِ سمورن ٽائونز کي بنا ڪنهن فرق جي فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن.










