خان جي اسپتال منتقلي وارو فيصلو اختيارن کان مٿانهون  قرار

خان جي اسپتال منتقلي وارو فيصلو اختيارن کان مٿانهون قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت باني پي ٽي آءِ عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم خلاف نظرثاني درخواست دائر ڪندي، عدالت جي ان فيصلي کي قانوني اختيارن کان واڌو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت پاران جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيل ۾ قيديءَ جي علاج لاءِ پاڪستان پريزن رولز 1978 ۾ واضح طريقه ڪار موجود آهي، جنهن تحت ضرورت پوڻ تي قيديءَ کي سرڪاري يا ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته قانون ۾ ڪنهن خانگي اسپتال مان علاج جو ڪو به تصور موجود ناهي. حڪومت موجب، قيديءَ کي پنهنجي پسند جي خانگي ڊاڪٽر مان علاج ڪرائڻ جو حق پڻ جيل قانونن يا پريزنز ايڪٽ ۾ موجود ناهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي اپيل پهرين ئي واريءَ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي هئي ۽ کين اڃا تائين نوٽيس به جاري نه ڪيو ويو هو، ان جي باوجود به عدالت پاران عبوري حڪم جاري ڪيو ويو. حڪومت جو چوڻ آهي ته عدالت طبي رپورٽ جي بنياد تي صحت خراب ٿيڻ جو تاثر ورتو، جڏهن ته رپورٽ ۾ اهڙي ڪا به واضح ڳالهه نه هئي ۽ ميڊيڪل بورڊ عمران خان جو ڪيترا ئي ڀيرا معائنو به ڪري چڪو آهي. حڪومت موجب، اهڙي طبي معاملي ۾ ماهرن جي راءِ وٺڻ گهرجي ها. درخواست ۾ ضابطه فوجداري جي دفعي 561-A جي استعمال تي پڻ اعتراض اٿاريو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اهو اختيار جيل انتظاميا جي معاملن ۾ مداخلت لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. وفاقي حڪومت وڌيڪ چيو آهي ته عبوري مرحلي تي ئي عمران خان جون چારેئي درخواستون منظور ڪيون ويون—جن ۾ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقلي، ذاتي ڊاڪٽرن تائين پهچ، اهلخاني سان ملاقات ۽ طبي رپورٽون وڪيل کي ڏيڻ جي اجازت واريون درخواستون شامل هيون—جنهن سان کيس عبوري حڪم ۾ ئي حتمي رليف ڏنو ويو آهي. درخواست ۾ اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته خانگي اسپتال جي هيءَ خصوصي سهولت ٻين قيدين لاءِ به هڪ مثال بڻجي ويندي، جنهن سان جيل قانونن تحت اهڙن ئي مطالبن جو طوفان اچي سگهي ٿو. حڪومت ان کي برابر جي سلوڪ واري قانوني اصول جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته 18 آگسٽ وارو حڪم واپس ورتو وڃي يا ان تي ٻيهر نظرثاني ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو