خان جي اسپتال منتقلي خلاف حڪومتي درخواست اعتراض لڳائي واپس

خان جي اسپتال منتقلي خلاف حڪومتي درخواست اعتراض لڳائي واپس

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عمران خان جي اسپتال منتقلي واري فيصلي خلاف حڪومتي درخواست کي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان عمران خان جي اسپتال منتقلي واري فيصلي خلاف حڪومتي نظر ثاني درخواست تي ڪالهه اعتراض لڳايا ويا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته نظرثاني درخواست سان گڏ پيپر باڪس مڪمل نه هجڻ جو اعتراض لڳايو ويو هو رجسٽرار جا اعتراض ختم ٿيڻ کان پوءِ نظرثاني درخواست ٻيهر داخل ڪئي ويندي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 2 ڏينهن اڳ عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃان تائين انهي کي اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته چيف ڪمشنر اسلام آباد ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي حوالي سان عمران خان جي اسپتال منتقلي واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو