گوگل پاران جي ميل، ڊاڪس ۽ ڪيپ لاءِ وائس فيچر متعارف

گوگل پاران جي ميل، ڊاڪس ۽ ڪيپ لاءِ وائس فيچر متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل، جي ميل، ڊاڪس ۽ ڪيپ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل وائس فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جي ميل، ڊاڪس ۽ ڪيپ ۾ هاڻي صارف ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل اي آءِ فيچرز استعمال ڪري سگهندا.
انهن فيچرن ذريعي صارف پنهنجي اِن باڪس ۽ دستاويزن بابت سوال پڇي سگهندا، جڏهن ته ٻين تفصيلن بابت به معلومات حاصل ڪري سگهندا.
ڪمپني انهن فيچرن جو پريويو مئي 2026ع ۾ گوگل جي آءِ او ڪانفرنس دوران پيش ڪيو هو.
ڪمپني انهن فيچرن کي جي ميل لائيو، ڊاڪس لائيو ۽ ڪيپ لائيو جا نالا ڏنا آهن.
هاڻي جي ميل ۾ سرچ باڪس ۾ ٽائپ ڪرڻ بدران صارف جيمني تي ٻڌل اي آءِ اسسٽنٽ کان پنهنجي اِن باڪس ۾ موجود مواد بابت سوال پڇي سگهندا.
اسسٽنٽ سان ڳالهه ٻولهه دوران لائيو ٽرانسڪرپٽ پڻ اسڪرين تي نظر ايندو.
ڊاڪس ۾ هن فيچر کي استعمال ڪندي صارف وضاحت ڪري سگهندا ته هو ڇا لکڻ چاهين ٿا، جنهن کانپوءِ اي آءِ اسسٽنٽ پهريون ڊرافٽ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.
اي آءِ اسسٽنٽ جي ميل، ڊرائيو، چيٽ ۽ ويب مان تفصيل حاصل ڪري ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکندو.
جي ميل لائيو فيچر گوگل اي آءِ پلس، پرو ۽ الٽرا سبسڪرائبرز لاءِ دستياب هوندو.
جڏهن ته ڊاڪس لائيو ۽ ڪيپ لائيو گوگل اي آءِ پرو ۽ الٽرا صارفين لاءِ دستياب هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو