آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ پاران ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان

آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ پاران ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ ”آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس“ مال برداري جي ڀاڙن (فريٽ چارجز) ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر، ملڪ شهزاد اعواڻ، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي مال برداري جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو.اعواڻ چيو ته قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ڦيرڦار ناقابلِ قبول آهي. هن ٻڌايو ته حڪومتي يقين دهانيءَ تي ملڪي سطح تي ٿيندڙ هڙتال کي 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو؛ حڪومت ان 40 ڏينهن واري مدي جي درخواست ڪئي هئي، جيڪو ايندڙ هفتي ختم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 40 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.ان دوران، جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي خلاف احتجاج ڪندي 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو