سون جي قيمت ۾ 12 هزار روپين کان وڌيڪ جي وڏي لاٿ

سون جي قيمت ۾ 12 هزار روپين کان وڌيڪ جي وڏي لاٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اڄ وڏي لاٿ ٿي وئي آهي، عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 128 ڊالر جي گهٽتائي سان 4 هزار 156 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي سبب مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ به في تولو سون جي قيمت 12 هزار 800 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 38 هزار 136 روپيه ۽ في 10 گرام سون جي قيمت 10 هزار 973 روپين جي گهٽتائي سان 3 لک 75 هزار 631 روپين جي سطح تي اچي ويو.اهڙي طرح في تولو چاندي جي قيمت 325 روپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 578 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت به 279 روپين جي گهٽتائي سان 5 هزار 639 روپين جي سطح تي اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو