دهشتگردي کان متاثر ملڪن جي عالمي لسٽ ۾ پاڪستان ٽاپ تي اچي ويو

دهشتگردي کان متاثر ملڪن جي عالمي لسٽ ۾ پاڪستان ٽاپ تي اچي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان، دهشتگردي کان متاثر ملڪن جي لسٽ يعني گلوبل ٽيررازم انڊيڪس ۾ ٽاپ تي اچي ويو آهي. ’انسٽيٽيوٽ آف اڪنامڪس اينڊ پيس‘ پنهنجي 2026 جي رپورٽ ۾ 2025 دوران دهشتگردي جي واقعن سبب موتن ۽ نقصانن جي بنياد تي پاڪستان کي گلوبل ٽيررازم انڊيڪس ۾ پهرين نمبر تي رکيو آهي.
2026ع جي عالمي امن واري انڊيڪس (GPI) ۾ پاڪستان جي صورتحال 5.5 سيڪڙو خراب ٿي وئي، جنهن سان پاڪستان عالمي سطح تي 152هين نمبر تي اچي ويو.
صورتحال خراب ٿيڻ جو بنيادي سبب ”جاري تڪرار“ واري شعبي ۾ وڏي خرابي هئي، جنهن ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو. اندروني تڪرار سبب ٿيندڙ موتن واري اشاري ۾ 11.4 سيڪڙو، اندروني تڪرارن ۾ وڙهڻ واري اشاري ۾ 10.5 سيڪڙو، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن واري اشاري ۾ 33.3 سيڪڙو، جڏهن ته ٻاهرين تڪرار سبب ٿيندڙ موتن واري اشاري ۾ 86.9 سيڪڙو خرابي رڪارڊ ڪئي وئي.
2026ع جي عالمي دهشتگردي واري انڊيڪس ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي رهيو، جڏهن ته 2025ع دوران دهشتگردي سان لاڳاپيل واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ 1,139 تائين پهچي ويو.
بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا گڏجي دهشتگردي جي حملن جو 74 سيڪڙو کان وڌيڪ سبب بڻيا.
افغانستان سان سرحدي ڇڪتاڻ ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو، جنهن جو سبب سرحدي علائقي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي سرگرمين کي قرار ڏنو ويو آهي.
جيتوڻيڪ عالمي امن انڊيڪس ۾ افغانستان جو 157 هون نمبر آهي پر ان جي باوجود به عالمي دهشتگردي واري انڊيڪس ۾ پاڪستان کي ٽاپ تي رکيو ويو آهي.
ڀارت کي هن عالمي لسٽ ۾ 127 هين نمبر تي ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ موجب 2026ع جي عالمي امن واري انڊيڪس (GPI) ۾ ڀارت جي صورتحال 2.9 سيڪڙو خراب ٿي آهي.
صورتحال خراب ٿيڻ جو بنيادي سبب ”جاري تڪرار“ واري شعبي ۾ واڌ هئي، جنهن ۾ 9.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. اندروني تڪرار سبب ٿيندڙ موتن واري اشاري ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن واري اشاري ۾ 33 سيڪڙو خرابي رڪارڊ ڪئي وئي. ان جو سبب پاڪستان ۽ ميانمار ٻنهي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ هئي.
ڀارت جي اتر اوڀر واري رياست مني پور ۾ جاري نسلي تڪرار 2025ع دوران پڻ جاري رهيو. مئي 2023ع ۾ تشدد شروع ٿيڻ کان وٺي 260 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 60 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.
هي تڪرار ميتي اڪثريت ۽ ڪوڪي-زو برادري وچ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فيبروري 2025ع ۾ مني پور جي وڏي وزير استعيفيٰ ڏني ۽ اتي صدارتي راڄ لاڳو ڪيو ويو.
ميانمار جي سرحد تي عدم استحڪام سبب صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي اندر هٿيارن ۽ منشيات جي آمد ۾ آساني پيدا ٿي.
هن رپورٽ ۾ 163 ملڪن جو جائزو ورتو ويو آهي، هن لسٽ موجب دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پرمن ملڪن جي ٽاپ فائيو ۾ ترتيبوار، آئيس لينڊ، نيوزيلينڊ، سوٽزلينڊ، سلوينيا ۽ آئرلينڊ کي رکيو ويو آهي. پاڪستان کان برما، صوماليا ۽ افغانستان کان به بدتر قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب دنيا ۾ 20 کان وڌيڪ اهڙا ملڪ آهن جن ۾ هڪ هزار يا ان کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ موجب 2008 جي ڀيٽ ۾ دنيا جي 103 ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي آهي، 62 ملڪن ۾ حالتون بهتر ۽ 99 ملڪن ۾ وڌيڪ خراب ٿيون آهن، 2025 جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ هڪ لک 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا، جن ۾ يوڪرين ۽ سوڊان جي جهيڙن ۾ وڌيڪ مارجي ويا.

رپورٽ موجب دنيا جي پنج ملڪن ۾ امن امان بهتر ٿيو انهن ۾ پولينڊ، گبون، ليسٿو، ترڪيه ۽ يوڪرين شامل آهن. جڏهن ته اڳي جي ڀيٽ ۾ جن ملڪن ۾ امن امان جي حالت خراب ٿي تن ۾ نيپال، چاڊ، پاڪستان، ڪانگو ۽ تنزانيا شامل آهن. مختلف ملڪن ۾ جهيڙن جهڳڙن سبب 11 ڪروڙ 90 لک ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي، اهو انگ 2024 ۾ 11 ڪروڙ 70 لک هو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عرب ملڪن مان 88 ارب ڊالر پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ورڪرز پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليا، جن ۾ 41.5 ارب ڊالر مصر کي مليا، ڀارت، پاڪستان ۽ اردن وڏا فائدو حاصل ڪندڙ ملڪ رڪارڊ ڪيا ويا.

رپورٽ موجب دنيا جي فوجي خرچن “ 5.8 سيڪڙو  اڌ رڪارڊ ٿي، دنيا ۾ اڄ به فوج تي وڌيڪ خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ ترتيبوار آمريڪا، چين، روس، ڀارت ۽ اتر ڪوريا ٽاپ فائيو ۾ شامل آهن.

رپورٽ موجب دنيا ۾ دهشتگردي سبب معيشت تي 21.8 ٽريلين جو نقصان ٿيو جيڪو 2024 جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا وٽ اڳ ۾ گلوبل فارين اڪسچينج جي ذخيرن جو 72 سيڪڙو هو جيڪو 2025 ۾ 60 سيڪڙو کان به گهٽ ٿي ويو آهي. جنهن جو مک سبب ’برڪس ملڪن پاران مقامي ڪرنسين ۾ تجارت جا معاهدا آهن.

رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري جيڪا 2024 ۾ 292 ارب ڊالر هئي اها 2025 ۾ گهٽجي 288 ارب ڊالر ٿي وئي آهي. پر ان جي باوجود آمريڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت آهي ۽ دنا ۾ سفارتي اثر رسوخ به ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ عالمي جي ڊي پي ۾ چين جو حصو جيڪو 2021 ۾ 18.5 سيڪڙو هو اهو گهٽجي 16.5 سيڪڙو ٿيو آهي ۽ چين ۾ سڌي پرڏيهي سيڙپ جيڪا2021 ۾ 344 ارب ڊالر هئي اها 9.5 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. ‘
تفصيلي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو