عالمي قرض 365 هزار ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

عالمي قرض 365 هزار ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)2026ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ عالمي قرض 10 هزار ارب ڊالر وڌي ويو، چين جو قرض سڀ کان وڌيڪ وڌيو عالمي قرض 3 لک 65 هزار ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل فنانس (آءِ آءِ ايف) موجب 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن دوران دنيا جي قرضن ۾ 10 هزار ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، جڏهن ته 2025ع جي ساڳئي عرصي ۾ عالمي قرض 21 هزار ارب ڊالر وڌيو هو.گلوبل ڊيٽ مانيٽر موجب وياج جي وڌندڙ شرح، قرضن جي مهانگي فنانسنگ، توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ايران تڪرار سبب قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي. عالمي قرضن جي واڌ گذريل پنجن سالن جي سراسري شرح کان به وڌيڪ رهي. آءِ آءِ ايف موجب ڇهن مهينن دوران اڀرندڙ معيشتن جي قرضن ۾ 6 هزار 500 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، جنهن ۾ چين جو قرض سڀ کان وڌيڪ وڌيو. گلوبل ڊيٽ مانيٽر چيو آهي ته آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ جاپان کي مسلسل مالي خساري ۽ وياج جي وڌندڙ ادائيگين جهڙا مسئلا درپيش آهن. ترقي يافته معيشتن ۾ وياج جي ادائيگين سان گڏ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، دفاع ۽ توانائيءَ تي ٿيندڙ خرچ به آمدنيءَ کان وڌيڪ رهيا. آءِ آءِ ايف موجب وڏين ترقي يافته معيشتن لاءِ وياج جي ادائيگين جي لاڳت 18 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. مهانگائيءَ سبب قرضن جو مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) سان تناسب بظاهر مستحڪم نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ مالي خطرا وڌي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو