لاڙڪاڻو هٿياربندن جي فائرنگ، نينگري قتل

لاڙڪاڻو هٿياربندن جي فائرنگ، نينگري قتل

لاڙڪاڻو(ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ نيو گڊ ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جي نينگري صدف ٻگهيو مارجي وئي.پوليس موجب هٿياربند فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي نينگريءَ جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو رشتي جي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو