گهوٽڪي، ٽرڪ ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر، 33 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي، ٽرڪ ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر، 33 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب اوورٽيڪ ڪرڻ دوران ٽول پلازا ڀرسان ٻنهي گاڏين ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 33 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.مقامي اختيارين موجب مسافر بس رحيم يار خان کان سيوهڻ شريف وڃي رهي هئي ته گهوٽڪي ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو