گڏاڻي قتل ڪيس: جوابدار اصغر لنڊ جي ضمانت رد

گڏاڻي قتل ڪيس: جوابدار اصغر لنڊ جي ضمانت رد

سکر(ن س ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ جوابدار اصغر لنڊ جي ضمانت واري درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ رد ڪري ڇڏي آهي.فريادي يعقوب گڏاڻي موجب، جوابدار اصغر لنڊ پاران ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو سان تعلق رکندڙ صحافي نصرالله گڏاڻي تي 21 مئي 2024ع تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس علاج لاءِ ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن 24 مئي 2024ع تي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.عدالتي حڪم تحت ايم اين اي خالد لنڊ، سندس ٻن پٽن، ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلو جي چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ، جڏهن ته برڪت لنڊ ۽ اصغر لنڊ کي پڻ قتل ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.فريادي ڌر موجب، ڪيس ۾ هيل تائين پوليس صرف جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪري جيل موڪليو آهي، جڏهن ته باقي نامزد جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو