اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ، ڪراچي مهانگو ترين شهر قرار

اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ، ڪراچي مهانگو ترين شهر قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهرين کي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 140 رپيا واڌ کانپوءِ 3540 رپين تائين پهچي وئي آهي. وفاقي اداري شماريات جي دستاويزن موجب، فيصل آباد ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 800 رپين جو وڏو اضافو ٿيڻ بعد اگهه 3000 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته خضدار ۾ اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 400 رپيا وڌڻ کانپوءِ 3400 رپيا ٿي وئي آهي. دستاويزن موجب، لاڙڪاڻي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 300 رپيا وڌي 3200 رپيا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 280 رپيا واڌ کانپوءِ 3480 رپيا ٿي وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 190 رپيا وڌڻ کانپوءِ 3220 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته سکر ۾ 140 رپيا واڌ سان اگهه 3200 رپين تائين پهچي ويو آهي. سرگوڌا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2933 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملتان ۾ 66 رپيا واڌ کانپوءِ اگهه 2933 رپيا ٿي ويو آهي. بهاولپور ۾ اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 40 رپيا اضافو ٿيڻ بعد نئون اگهه 3000 رپيا ٿي ويو آهي. پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 3300 رپيا، جڏهن ته بنون ۾ 3200 رپيا آهي. اسلام آباد ۾ اٽي جي ٿيلهي جو اگهه 3373 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 3333 رپين تي برقرار آهي. ٻئي طرف گوجرانوالا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 3000 رپيا، سيالڪوٽ ۾ 3133 رپيا، جڏهن ته لاهور ۾ اٽو 2300 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو