هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ خارجين سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران شهيد ٿيندڙ پاڪستان فوج جي جوانن جي جنازي نماز پشاور ۾ ادا ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور، گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، شهيدن جي مائٽن ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.هنگو ۾ خارجين سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪستان فوج جا ڇهه جوان شهيد ٿي ويا هئا.شهيدن ۾ ڪيپٽن ابوذر فاروق، ليفٽيننٽ شيراز بابر، سپاهي شڪيل احمد، سپاهي حمزه، سپاهي محمد عثمان عزيز ۽ غير جنگي غلام سجاد شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن، جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان سپردِ خاڪ ڪيو ويندو.آءِ ايس پي آر بيان ڪيو ته وطن جي حفاظت لاءِ شهيدن جون لازوال قربانيون سيڪيورٽي فورسز جي غير متزلزل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










