فرانس ۾ احتجاج ۽ هنگاما جاري، مختلف شهرن ۾ رات جو ڪرفيو لاڳو

فرانس ۾ احتجاج ۽ هنگاما جاري، مختلف شهرن ۾ رات جو ڪرفيو لاڳو

پيرس(ويب ڊيسڪ)مهانگائي خلاف فرانس ۾ هفتي جي آخر ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ هنگامن ۽ ڦرلٽ جي واقعن کان پوءِ اختيارين پيرس جي وچين علائقن ۽ ٻين شهرن جي ڪجهه حصن ۾ رات جو ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
پيرس پوليس موجب، ريپبلڪ اسڪوائر (Place de la République) ۽ ليس هالز (Les Halles) جي شاپنگ واري علائقي ۾ مقامي وقت موجب رات 11 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو هوندو. هفتي جي آخر ۾ احتجاج ڪندڙ ريپبلڪ اسڪوائر تي گڏ ٿيا هئا.
شهر جي مرڪز جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ اجازت کانسواءِ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڏکڻ ۾ مارسيل، بورڊو، نيس ۽ ليون، جڏهن ته اتر ۾ لِل سميت ٻين شهرن ۾ به جزوي ڪرفيو جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهن پابندين تحت مختلف شهرن ۾ نوجوانن جي چرپر ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي مختلف حدون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ان کان اڳ، گهرو وزير لوران نونيز، جنهن کي بدامني کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان مخالف ڌر جي سياستدانن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو، اعتراف ڪيو ته ڪجهه شهرن ۾ پوليس ”ڪنٽرول وڃائي ويٺي“ هئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سندس استعيفيٰ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو.
احتجاجن جي شروعات گذريل مهيني شاگردن طرفان اسڪولن جون حالتون بهتر ڪرڻ جي مطالبن سان ٿي هئي، پر پوءِ انهن جو دائرو وڌي ويو ۽ ان ۾ مختلف مسئلا شامل ٿي ويا. هن هفتي جي آخر ۾ مظاهرن ۾ ٽريڊ يونينن ۽ مختلف احتجاجي گروپن جي شرڪت سبب مظاهرين جو انگ پڻ وڌي ويو.
اختيارين موجب، 2,500 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فرانسيسي خبر ايجنسي اي ايف پي موجب، پوليس جي ميڙ کي منتشر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيل هڪ گرنيڊ سبب هڪ مظاهري ڪندڙ جو هٿ ڌماڪي ۾ اڏامي ويو. جڏهن ته لڳ ڀڳ هڪ هزار پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.
سومر ڏينهن بحران بابت ٿيل اجلاس کان پوءِ وزيراعظم چيو ته مقامي ميئرن کي ضرورت پوڻ تي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏنا پيا وڃن، وزيراعظم سيباسٽين ليڪورنو ملڪ ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جي امڪان کي رد نه ڪيو. هن چيو ته حڪومت متاثر علائقن جي نقصانن جي تلافي ۽ بحاليءَ لاءِ رقم پڻ مختص ڪندي، جيڪا تشدد ۾ ملوث ماڻهن کان وصول ڪئي ويندي.
ليڪورنو چيو، ”اهڙو قانون لاڳو ڪيو ويندو، جنهن ذريعي اهو يقيني بڻايو ويندو ته جن ماڻهن ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، انهن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.“ هن هنگامن ۽ ڦرلٽ سبب ڪم ڪرڻ کان لاچار ماڻهن لاءِ جزوي بيروزگاري امدادي فنڊ جو اعلان پڻ ڪيو.
ٻئي طرف، نونيز چيو ته 200 جاچ ڪندڙ سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو وٺي رهيا آهن، جيئن ممڪنه طور هنگامن جي اڳواڻي ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي.
هن آچر ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر صدارتي محل ايلزي پيلس موجب، ميڪرون ”امن امان قائم رکڻ واري نظام جي مسلسل قيادت جي ضرورت“ سبب سندس استعيفيٰ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو ته نونيز کي انهن خامين بابت شفافيت اختيار ڪرڻ گهرجي، جن کي ميڪرون انٽيليجنس ۽ اڳواٽ صورتحال جو اندازو لڳائڻ ۾ ناڪامي قرار ڏنو هو.
فرانس جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (CCI) جي سربراهه موجب، هفتي جي آخر ۾ ٿيل تشدد سبب 2,000 کان وڌيڪ دڪان ۽ ٻيا ڪاروباري ادارا سڌيءَ ريت متاثر ٿيا آهن.
اداري جي سربراهه الين دي ڪريسينزو فرانس جي نشرياتي اداري آر ٽي ايل کي ٻڌايو ته هنگامن سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو ”ڪروڙين يورو“ لڳايو ويو آهي.
مارسيل ۾ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي شاخ جي صدر، جين لوڪ شووين، بي بي سي کي ٻڌايو ته شهر جا ڪيترائي دڪاندار ”سخت پريشانيءَ“ ۾ آهن ۽ کين پنهنجو ڪاروبار بچڻ جي حوالي سان ڳڻتي آهي.
فرانس جي حڪومت جي ٻن وزيرن ٻڌايو ته ڦرلٽ ڪيل سامان ڪجهه آن لائين وڪري جي پليٽ فارمن تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. وِنٽڊ (Vinted) جي هڪ ترجمان چيو ته چوري ٿيل سامان وڪڻڻ يا ان جي وڪري جي آڇ ڪرڻ تي ”سخت پابندي“ آهي.
ترجمان چيو، ”هن هفتي جي آخر کان وٺي اسان جي ٽيمن ڦرلٽ سان لاڳاپيل اشتهارن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي هٽائڻ لاءِ فوري قدم کنيا آهن ۽ شڪي اشتهارن جي نگراني پڻ وڌائي ڇڏي آهي.“
هفتي جي آخر ۾ لڳ ڀڳ 5 لک 50 هزار مظاهرين ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن، مهانگائي ۽ اسڪولن سميت عوامي خدمتن جي خراب ٿيندڙ صورتحال خلاف احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا.
فسادي ماڻهن جا ٽولا، جن مان ڪجهه ڪارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ منهن ڍڪيل هئا، پيرس، مارسيل ۽ ٻين شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ گاڏين ۽ عمارتن کي باهه ڏيندي ۽ ڪاروباري ادارن ۾ ڦرلٽ ڪندي ڏٺا ويا.
مرڪزي شهر ليموج ۾ ڇنڇر ڏينهن فسادي ماڻهن طرفان لڳايل باهه سبب 19هين صديءَ جي هڪ شاندار ميونسپل عمارت مڪمل طور سڙي وئي. باهه پکڙجڻ سان عمارت جو گهڙيال وارو منارو ۽ ڇت ڪري پيا.
فرانس ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين لاءِ هڪ خبرداري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ کين تازن مظاهرن کان متاثر علائقن کان پري رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
خبرداريءَ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ واري هنڌ جي ويجهو هجن ته ”احتياط ڪن“. چين ۽ جرمني پڻ اهڙيون ئي خبرداريون جاري ڪيون آهن.
ڪجهه سياستدانن کاٻي ڌر جي جماعت ’لا فرانس اَنسوميز‘ تي تشدد ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. ليڪورنو هڪ اڳوڻي پريس ڪانفرنس ۾ الزام لڳايو هو ته ڪجهه گروپ ”صدارتي چونڊن تائين اسان جي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا“.
جماعت جي اڳواڻ زان لوڪ ميلانشون، جيڪو ايندڙ سال جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندو، جواب ۾ فرانس جي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو ”پنهنجي الزام کي ثابت ڪري“ يا ”معافي گهري، خاموش رهي ۽ بدامني کي هوا ڏيڻ بند ڪري“.

پهنجو تبصرو موڪليو