لاڙڪاڻي ۾ عورت سميت 4 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ عورت سميت 4 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي پوليس سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون چوري ڪري وڪرو ڪندڙ گروهه جي عورت سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي اظهر خان موجب لاڙڪاڻي جي پوسٽ آفيس روڊ تي ڪارروائي دوران چئن ئي جوابدارن کي رنگي هٿين گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندن قبضي مان چوري ٿيل 2 موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون. گرفتار جوابدارن ۾ جيڪب آباد واسي ڪاظم انڙ، يوسف انڙ، عصر مغيري ۽ لاڙڪاڻي جي ثمينه پتوڄو شامل آهن. ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن جو گروهه 10 کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 4 عورتون پڻ شامل آهن. جوابدار گاڏيون چوري ڪرڻ لاءِ عورتن کي پڻ استعمال ڪندا هئا. اظهر خان ٻڌايو ته جوابدارن جو گروهه سنڌ جي مختلف علائقن مان گاڏيون چوري ڪري بلوچستان ۾ وڪرو ڪندو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين ضلعن مان پڻ جوابدارن جو رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو