هڪ مهيني ۾ 76 ڪروڙ 30 لک ڊالر جو پرڏيهي قرض

هڪ مهيني ۾ 76 ڪروڙ 30 لک ڊالر جو پرڏيهي قرض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٻه طرفن ۽ ڪثير الجهتي قرضن جي گھٽ وصوليءَ جي باوجود پاڪستان مالي سال 2026-27 جي پهرين مهيني جولاءِ 2026ع ۾ مجموعي طور 76 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جا غير ملڪي قرض ۽ گرانٽس حاصل ڪيون.گذريل مالي سال جي ساڳئي مهيني ۾ اها رقم 69 ڪروڙ 45 لک ڊالر هئي. ملڪ نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽس (NPC) ذريعي روايتي ۽ اسلامي ٻنهي طريقن سان غير ملڪي رقمن جي حصول ۾ نمايان واڌ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو