بلوچستان ۾ آپريشن، فتنته الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ آپريشن، فتنته الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جو بلوچستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪوئٽه، نوشڪي ۽ خضدار ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنته الهندستان جي 8 دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب 17 آڪٽوبر تي پنج پائي ۾ دهشتگردن روڊ تي رڪاوٽون بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فورسز روڊ تي رڪاوٽون بيهارڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي، فورسز جي ڪارروائي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 5 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ڪري ڇڏيا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي جي دوران هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب خضدار ۾ آپريشن جي دوران فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بنايو. ڪارروائي جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. خضدار آپريشن جي دوران 490 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ٻين ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. ٻاهرين سرپرستي، حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو