آءِ ايم ايف جو معاشي سڌارا جاري رکڻ تي زور

آءِ ايم ايف جو معاشي سڌارا جاري رکڻ تي زور

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيووا سان ملاقات ٿي، جنهن دوران آءِ ايم ايف سربراهه پاڪستان ۾ معاشي سڌارن جو عمل بنا رنڊڪ جاري رکڻ تي زور ڏنو.ملاقات بئنڪاڪ ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ سڌارن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف سربراهه کي پاڪستان سان ٿيل تازي اسٽاف ليول معاهدي بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته توانائي، ٽيڪسن ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي.آءِ ايم ايف سربراهه ڪرسٽالينا جارجيووا پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ سڌارن جو عمل تسلسل سان جاري رکڻ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو