ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دبئي کان تل ابيب ويندڙ فلائي دبئي جي هڪ اڏام کي اربع ڏينهن ان وقت سعودي عرب جو رخ ڪرڻو پيو، جڏهن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو موجب هڪ پائلٽ ٻئي پائلٽ تي چاقو سان حملو ڪيو ۽ بظاهر جهاز ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
زخمي ٿيل پائلٽ جي سڃاڻپ ڀارتي شهري ڪئپٽن سمت مڇر طور ٿي آهي. کيس جهاز لهڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ اسرائيلي وزيراعظم کيس ”هيرو“ قرار ڏنو.
فلائي دبئي جي اڏام FZ1073 ۾ چاقو جي حملي جو شڪار ٿيل ڀارتي شهري ڪئپٽن سمِت مڇر مبينا طور تي بيهوش ٿيڻ کان اڳ ڪاڪ پٽ جو دروازو کوليو هو. اسرائيلي مسافر يانو هيون اربع ڏينهن بين گوريون ايئرپورٽ تي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ڳالهائيندي اها ڄاڻ ڏني.
هيون نيتن ياهو کي ٻڌايو ته ڪاڪ پٽ جو دروازو کليل هو، پر مڇر دروازي جي ايترو ويجهو هئا جو ان کي کولڻ ڏکيو هو.
هن چيو، ”منهنجو نتيجو اهو آهي ته هنن پنهنجي حاضر دماغي استعمال ڪندي اسان لاءِ دروازو کوليو ۽ ان کان پوءِ بيهوش ٿي ويا.“
بعد ۾ نيتن ياهو ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مڇر جي بهادري جي واکاڻ ڪندي واقعي جو ذڪر ڪيو.
اسرائيلي وزيراعظم لکيو ته، ”چاقو سان حملي ۽ سخت زخمي ٿيڻ باوجود هنن جوابي ڪارروائي ڪئي، مزاحمت ڪئي، ڪاڪ پٽ جو دروازو کوليو ۽ مسافرن ۽ عملي جي ٻين ميمبرن کي حملي آور تي قابو پائڻ جي قابل بڻايو. ان سان هوا ۾ هڪ وڏي سانحي کي روڪڻ ۾ مدد ملي.“
نيتن ياهو چيو ته مڇر اسرائيلي شهرين ۽ ٻين ملڪن جي شهرين سميت 174 ماڻهن جون جانيون بچايون.
اسرائيلي نيوز ويب سائيٽ جيروزلم پوسٽ جي رپورٽ موجب ڪيترن ئي مسافرن زخمي مڇر کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي.
انهن ۾ اسرائيلي ڏندن جو ڊاڪٽر شوتا موساييف پڻ شامل هو. جهاز جي تبوڪ ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ کان پوءِ مڇر کي سعودي عرب جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
موساييف اسرائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته مڇر سخت زخمي هو ۽ سندس مٿي ۽ هٿن مان گهڻو رت وهي رهيو هو. ڏندن جي ڊاڪٽر رت وهڻ روڪڻ ۾ مدد ڪئي. هن ٻڌايو ته ان کان پوءِ مڇر جي حالت مستحڪم ٿي وئي، پر جهاز جي لينڊنگ دوران سندس حالت ٻيهر خراب ٿي وئي.
موساييف اهو به ٻڌايو ته مڇر ڳالهائي اهو ٻڌائڻ جي قابل هو ته ٻئي پائلٽ مٿس چاقو سان حملو ڪيو هو. مڇر هڪ تجربيڪار پائلٽ آهي ۽ نون پائلٽن کي تربيت پڻ ڏئي چڪو آهي.
اسرائيلي وزير دفاع اسرائيل ڪاٽز هن واقعي کي ”ممڪن جهادي دهشتگرد حملي جي ڪوشش“ قرار ڏنو آهي. پر هن واقعي جي سبب بابت پوليس، هنگامي خدمتن يا جاچ ڪندڙ ادارن طرفان حملي جي محرڪن بابت ڪو سرڪاري بيان سامهون ناهي آيو.
ڪئپٽن مڇر جي پرورش ڀارت جي شهر ممبئي ۾ ٿي، جتي سندس والدين اڃا تائين رهائش پذير آهن.
2008ع ۾ هن نيوزيلينڊ جي شهر ڊنيڊن ۾ قائم مين لينڊ ايئر ۾ داخلا ورتي، جيڪو هوابازي جو ڪاليج آهي، ۽ ٽن سالن کان پوءِ ڀارتي ايئرلائن اسپائس جيٽ ۾ ڪمرشل پائلٽ طور شامل ٿيو. 2022ع ۾ هو دبئي منتقل ٿيو ۽ فلائي دبئي سان لاڳاپيل رهيو.
ڪئپٽن سمت جي واکاڻ ڪندڙن ۾ ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي پڻ شامل آهي. هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته، ”ڪئپٽن سمت مچھر هڪ هيرو آهي. انتهائي سنگين خطري کي منهن ڏيڻ ۽ سخت زخمي ٿيڻ باوجود هن غيرمعمولي بهادري ۽ ٻين جون جانيون بچائڻ لاءِ غيرمتزلزل عزم جو مظاهرو ڪيو.“
ايئرلائن چيو آهي ته ”واقعي جا بنيادي سبب ۽ محرڪ معلوم ناهن ۽ باضابطه جاچ ذريعي انهن جو تعين ڪيو ويندو.“ ايئرلائن اپيل ڪئي آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي.
ٻئي طرف، اسرائيل جي کاٻي ڌر جي جماعت ڊيموڪريٽس پارٽي جي سربراهه يائر گولان جهاز ۾ موجود مسافرن جي بهادري کي ساراهيو، پر ساڳئي وقت بيتن ياهو جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اها واقعي کي ”سستي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ“ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.










