ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ 100 رپيا واڌ

ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ 100 رپيا واڌ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ٿيلهي جو اگهه 3 هزار 200 رپين مان وڌي 3 هزار 300 رپيا ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب اٽي جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ شهرين تي مهانگائي جو بار وڌيڪ وڌي ويو آهي.ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا طرفان 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي سرڪاري قيمت 2 هزار 640 رپيا مقرر ڪيل آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ٿيلهو سرڪاري اگهه کان 660 رپيا وڌيڪ وڪرو ٿي رهيو آهي.شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي انتظاميا سرڪاري اگهن تي اٽي ۽ ماني جي وڪري کي يقيني بڻائي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو