پريالوءِ: سپاهي کان سرڪاري رائفل ۽ بائيڪ ڦر

پريالوءِ: سپاهي کان سرڪاري رائفل ۽ بائيڪ ڦر

پريالوءِ (ن س )پريالوءِ ڀرسان هٿياربندن پوليس سپاهي کي زخمي ڪري سندس سرڪاري رائفل ۽ موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس پهچي زخمي سپاهي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڦريل سرڪاري هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.پوليس علائقي ۾ موجود آهي، واقعي جي جاچ جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو