کٽمنڊو(ويب ڊيسڪ)چين ۽ نيپال ۾ تباهي مچائيندڙ اوچتو آيل ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي آڻي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 95 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي شهرين سميت سوين سياح لاپتا آهن.
هماليه جي هن ننڍڙي ملڪ ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڊرامائي وڊيوز ۾ چين-نيپال سرحد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن تيز وهڪري سان ايندڙ پاڻي جا منظر نظر اچن ٿا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هيليڪاپٽرن ذريعي ڇتين تي ڦاٿل ماڻهن کي رسيون وجهي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.
چين ۾ سرڪاري ميڊيا موجب، ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 250 کان وڌيڪ ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جا اطلاع آهن. چين جي گيئرونگ بندرگاهه (Gyirong Port) وٽ مٽيءَ جي وڏي ڇپ ڪرڻ سبب تباهي ٿي. چيني اڳواڻ شي جن پنگ لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ ”هر ممڪن ڪوشش“ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيني قيادت طرفان تيزيءَ سان ردعمل ظاهر ڪرڻ به هن آفت جي سنگينيءَ جي هڪ ٻي نشاني آهي.
تباهي جو سبب ڇا بڻيو؟ نيپال جي پرڏيهي وزير موجب، زلزلي سبب هڪ وڏي زميني ڇپ ڪِري، جنهن اڳتي هلي ڀوٽي ڪوشي درياهه جو وهڪرو روڪي ڇڏيو. نتيجي ۾ چين کان نيپال ڏانهن هيٺئين پاسي اوچتو پاڻيءَ جو انتهائي تيز وهڪرو اچي ويو، جنهن وڏي تباهي مچائي ڇڏي.
ڀارت ريڊ ڪراس هٿان نيپال لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. جڏهن ته يورپي يونين پڻ متاثرين مدد جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسين پنهنجي شهرين جي لاپتا ٿيڻ بابت با خبر آهيون ۽ ضروري اپاءَ ورتا پيا وڃن.
آمريڪي جيوليجيڪل سروي موجب اڳ ۾ هنن چيو هو زلزلو آيو آهي پر اهو زلزلو نه هو، برفاني ڇپ سبب 5.2 شدت جي زلزلي جيتري ڌرتي ان لينڊ سلائيڊ جي ڪري ڌڏي وئي هئي.










