اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ريٽيلرز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم کي گهربل موٽ نه ملڻ کانپوءِ حڪومت 10 لک نان فائلرز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال سينيٽ جي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ريٽيلرز ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه ٿيا ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. مملڪتي وزير خزانا بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت کي ’گاجر ۽ لٺ‘ واري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. ايف بي آر اختيارين موجب ملڪ ۾ 43 لک ريٽيلرز مان صرف 6 لک فائلر آهن، جڏهن ته 37 لک ريٽيلرز اڃا تائين ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن. اختيارين فڪسڊ هڪ سيڪڙو ٽيڪس اسڪيم کي ريٽيلرز طرفان خاطرخواهه موٽ نه ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته انتهائي سازگار قرار ڏنل اسڪيم مان فائدو نه وٺندڙ 10 لک نان فائلرز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.










