واشڪ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي پلانتڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي جديد هٿيارن سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل دهشتگرد عوام کي ڦرڻ ۽ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ وارين سرگرمين ۾ ملوث هئا.










